طاهره کوسو جو قتل ۽ سنڌ پوليس

طاهره کوسو جو قتل ۽ سنڌ پوليس

طاهره کوسو جو قتل ۽ سنڌ پوليس

جيڪب آباد ۾ ”بحريا فائونڊيشن“ منجهان پرائمري ۽ هاءِ اسڪول جي تعليم حاصل ڪري گريجوئيشن ڪندڙ 21 ورهين جي نوجوان عورت طاهره کوسو کي سندس ور وقاراحمد عمراڻي مبينه طور مار ڪٽ ڪري، بعد ۾ قتل ڪيو. قتل جي اها واردات طاهره کوسو جي والد، ڀاءُ ۽ ٻين مائٽن جي اڳيان ڪئي وئي. اڄ طاهره کي قتل ٿئي 35 ڏينهن ٿيا آهن، پر جيڪب آباد جي مشهور کوسو فيملي جي ان نياڻيءَ ۽ مشهور پارليامينٽرين محمد امين کوسو جي پوٽي جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ نه جيڪب آباد پوليس بلوچستان ۾ داخل ٿيڻ جي نيت ڪري ٿي ۽ نه ئي سنڌ پوليس ان سلسلي ۾ ڪنهن سرگرمي جو مظاهرو ڪري ٿي.

طاهره جو پنهنجي ور سان ڪنهن به ڳالهه تي جهيڙو ٿيو هيو، پر ان جو مَرڪُ موت ناهي. طاهره جو رويو هڪ پڙهيل عورت وارو هيو ۽ ڪنهن به پڙهيل هجڻ جو مَرڪُ موت ناهي. طاهره جي پڙهيل هجڻ جي ڪري، بهتر زندگي گذارڻ جي ڪري اهو ٿي پئي سگهيو ته ان جي فيملي ۾ وڌيڪ پڙهيل پئدا ٿين ها. عمراڻي فيملي ۾ عورتن ۽ مردن ۾ تعليم جو لاڙو وڌي سگهي ها. ان تعليم جي ڪري سڄي سنسار ۾ ڪيئي بهتريون ۽ چڱايون پيدا ٿين ها. انهن پڙهاين، ڀلاين، بهترين ۽ چڱاين جو مرڪُ به موت نه هيو.

روزاني ”عوامي آواز“ سنڌ جي هڪ ڪُٺل عورت طاهره جي قتل تي انهن سمورن ماڻهن سان گڏ آهي جيڪي قتل کي قتل سڏين ٿا ۽ قتل ڪرڻ وارن کي قاتل سڏين ٿا. پر اهو سوال ايس ايس پي جيڪب آباد کان پڇي سگهجي ٿو ته هيڏي ساري شهر جيڪب آباد ۾ ڪا نياڻي قتل ٿي وڃي ته ان جي زندگي ۽ ان جي موت کي ايئن وساري ڇڏجي ڄڻ ته اهو ڏوهه ٿيو ئي ڪونهي.

سنڌ جي نوجوان عورت طاهره کوسو جو قتل ڪنهن کي به نه ڇڏيندو. نه قاتل کي ۽ نه قاتلن کي ڍر ڏيندڙ پوليس وارن کي. انهن سمورن عنصرن کي ڊڄڻ گهرجي، اوهان جو سڪون ۽ آرام تيستائين ٽياس تي ٽنگيل هوندو جيستائين اوهان ان بيدردي سان قتل ٿيل نياڻي جي باري ۾ انصاف نه ٿا ڪريو.

سنڌ سرڪار کي گهرجي ته ان سلسلي ۾ بنا ڪنهن رعايت جي واسطيدار پوليس کي هدايتون جاري ڪري ته جيئن ان معصوم نياڻيءَ طاهره کوسو جي قتل خلاف جائز ايڪشن وٺي سگهجي. هڪ نياڻيءَ جي واسطي قاتلن خلاف ڪابه سرگرمي سنڌ ۾ ڪيئي نياڻين کي بچائي سگهن ٿيون. اها ڳالهه سمجهڻ لاءِ ڪنهن راڪيٽ سائنس جي گهرج ناهي. اهو هڪ نياڻي جو سوال آهي.

جمعو 24 اپريل 2015ع، 4 رجب 1436 هه

link: http://awamiawaz.com/%D8%B7%D8%A7%D9%87%D8%B1%D9%87-%DA%A9%D9%88%D8%B3%D9%88-%D8%AC%D9%88-%D9%82%D8%AA%D9%84-%DB%BD-%D8%B3%D9%86%DA%8C-%D9%BE%D9%88%D9%84%D9%8A%D8%B3/

Admin

April 24th, 2015

No Comments

Comments are closed.